|
رات جيئن جيئن ٺري
ياد تيئن تيئن تري
سرد آ هون اڳيان
ڪي نيا پا نين
سک سنديسا ڏين
پيار پوکيا جي سڀ
وقت گڏجي اچن
ڄڻ ته سڏجي اچن
وقت وڄندو وڃي
ڄڻ ته ڀڄندو وڃي!!
ياد تنهجي جو ڏيئو،
عڪس ڌنڌلي جيان،
ڄڻ ته ڇڄندو وڃي.
سهپ سهندو وڃان!
تڙپي تڙپي بڇان.
لڙڪي لڙڪي لڇان.
باهه ڪا! ڀوء ڪو!
عرض ڪو! مرض ڪو...
درد ڪو! فرض ڪو..
ڦرندي ڦيرا ڏيئي
ياد پوءِ به اڃان!!!
روح ڇيرا ڏيئي.
مند مرڪي پوان
هانوءَ هرڪي پوان..
ڏنڀ ڏاڍا مگر؟؟
تنهجيون اکڙيون ڏسي!
ٿورو ڇرڪي پوان!
ڪيئي يادون ورن
نيڻ تو سان ترن.
تو هرايا تڏهن
هري هر هر هرن
خواب ڪو راز ڪو
زندگيءَ ساز ڪو،
ڇڪ ڇيڙي وجهي،
سڀ بهارون سکيون!
روح ميڙي وجهي.
ڄڻ ته ساڳيون خوشيون،
ڪنهن نئي ساز سان!
سر کيڙي وجهن!
تنجهي ٽهڪن جيان،
ڪجهه سهيڙي وجهن.
دل جي دنيا وري،
جوت جرڪي پوي.
ها مگر ڄڻ لڳي!؟؟
لوڪ ڪرڪي پوي.
تون ته ساڳي سندر،
سونهن سوڀيا وري
روپ تنهجي اچي،
راز کولي وجهي،
ڪجهه ته ٻولي وجهي!!.
ها... ڄڻ ڪا نئين....
آهي جنت وري.
پيار پوڄا وري..،
ڪا ته همت وري..،
هن گهڙي پيار به...
سوئي پرڙا وري،
اڀ اڏري پوي!!
وقت جيئن جيئن وري
ياد تيئن تيئن تري!!
بس !! مان ڏسندو رهان،
ڪو ٿو ڀاڪر ڀري.....
ياد ڪيڏو ڪري..
هن گهڙي سوچ ڪر!؟
ڪو ڀلا ڪيئن مري!
رات جيئن جيئن ٺري
ياد تيئن تيئن تري!!.. |